غوثپور ويجهو اغوا ٿيل ٽرڪ ڊرائيور ذوالفقار ميراڻي جي بازيابي لاءِ پوليس ڳڙهي تيغو واري علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪري

ghouspur karwai

غوثپور ويجهو اغوا ٿيل ٽرڪ ڊرائيور ذوالفقار ميراڻي جي بازيابي لاءِ پوليس ڳڙهي تيغو واري علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪري شڪ جي بنياد تي 20 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

ايس ايس پي سميع الله سومري جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس هٿياربندن جا پيرا کڻي ڳڙهي تيغو واري ڪچي ۾ پهتي، جتي ڪارروائي ڪري شڪ جي بنياد تي 20 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي آهي.

ايس ايس پي سميع الله سومري چيو ته پوليس ڪارروائي دوران ڏوهارين جون 8 ٻيڙيون ۽ 3 ٺڪا ڻا ساڙي ڇڏيا آهن.

گذريل رات غوثپور ڀرسان ميرواهه وٽ انڊس هاءِ وي تان هٿياربند ٽرڪ ڊرائيور ذوالفقار ميراڻي کي اغوا ڪري ويا، جڏهن ته فائرنگ ۾ ڪوچ ڊرائيور  سليم پٺاڻ زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي اسپتال نيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*