نيب سنڌ جي تعليم کاتي ۾ 35 هزار غير قانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير پير مظهر کي آجو قرار انڪوائري بند ڪري ڇڏي

Sindh-High---Pir-Mazhar-24317نيب سنڌ جي تعليم کاتي ۾ 35 هزار غير قانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير پير مظهر کي آجو قرار انڪوائري بند ڪري ڇڏي، ڪيس ۾ نامزد تعليم کاتي عملدارن خلاف جاچ جاري رهندي.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ 35 هزار غير قانوني ڀرتين واري ڪيس جي ٻڌڻي  ٿي، جنهن ۾ پير مظهر سميت نامزد جوابدار پيش ٿيا.

نيب پاران عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته 35 هزار غير قانوني ڀرتين واري معاملي ۾ نه سرڪاري آفيس استعمال ٿي ۽ نه ئي سرڪاري ناڻي کي ڪو نقصان پهتو آهي، تنهن ڪري تعليم واري اڳوڻي وزير پير مظهر خلاف انڪوائري بند ڪري کيس آجو قرار ڏنو ويو آهي.

نيب پاران آگاهي ڏني وئي ته ڪيس ۾ نامزد تعليم کاتي جي عملدارن خلاف جاچ هلندڙ آهي، جنهن ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

واضح رهي ته سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڀرتي ڪيل 35 هزار ملازمن کي غير قانوني ڀرتيون قرار ڏئي اڳوڻي سيڪريٽري فضل الله پيچوهو جي دور ۾ سندن پگهارون بند ڪيون ويون هيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*