آمريڪي شهر سنسناٽي ۾ جاري سنسناٽِي اوپن ٽينس ٽورنامنٽ ۾ جان مارٽن ڊيل پورٽو

washington tenis

آمريڪي شهر سنسناٽي ۾ جاري سنسناٽِي اوپن ٽينس ٽورنامنٽ ۾  جان مارٽن ڊيل پورٽو، گريگور ڊميٽروِ ۽نڪ ڪرگيس پنهنجي ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪري اڳيئن رائونڊ ۾ پهچي وياآهن.

آمريڪي شهر سنسناٽي ۾جاري ايونٽ ۾ بلگاريا جي گريگور ڊميٽروِ هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد فليسيانو لوپز کي ست-ڇهه۽ڇهه-چار تان شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي.

ايونٽ جي هڪ ٻي ميچ ۾ نڪِ ڪرگيس شاندار فورهينڊ ۽بيڪ اسٽروڪس جومظاهرو ڪندي يوڪرائن جي اليگزينڊر ڊولگوپولوِ کي ڇهه-ٽي۽ست-ڇهه تان شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي.

ارجنٽينا جي ٽينس رانديگر جان مارٽن ڊيل پورٽو مچل ڪروگرِ کي ڇهه-چار۽ڇهه-چار تان شڪست ڏئي فتح حاصل ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*