ممبئي اختيارين بالي ووڊ اسٽار شاهه رخ خان جي گهر ٻاهران ٺاهيل حددخليون هٽائي ڇڏيون

ممبئي اختيارين بالي ووڊ اسٽار شاهه رخ خان جي گهر ٻاهران ٺاهيل حددخليون هٽائي ڇڏيون آهن، جنهن تي پاڙيسرين خوشي جو اظهار ڪندي مٺايون ورهايون آهن.

ڪنگ خان جي بندرا واري علائقي ۾ منت نالي واري گهر ٻاهران حددخلين سبب پاڙيسرين کي تڪليف جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو هو، جنهن تي انهن ميونسپل اختيارن کي شڪايت ڪئي هئي.

ممبئي جي ميونسپل اختيارين شاهه رخ خان کي هڪ هفتي اندر حددخليون ختم ڪرڻ جو نوٽيس ڏنو هو، جنهن تي عمل نه ڪرڻ سبب اڄ ڪارروائي ڪندي انهن کي ڊاٿو ويو.

ميونسپل جي اهڙي ڪارروائي تي شاهه رخ جي پاڙيسيرين خوشي جو اظهار ڪندي مٺايون ورهايون، سندن چوڻ هو ته حددخلين سبب سندن رستو بند هو، هاڻي هو خوش آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*