سنڌ حڪومت سکر ۾ رائيس ڪئنال ، دادو ۽ کيرٿرڪئنال جي متاثرن کي پلاٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي

cm ijlas

 سنڌ حڪومت سکر ۾ رائيس ڪئنال ، دادو ۽ کيرٿرڪئنال جي متاثرن کي پلاٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سکر ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدار هيٺ ٿيل اجلاس ۾ 2 سئو ايڪڙ زمين متاثرن کي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ رائيس، دادو ۽ کيرٿر ڪئنالن جي متاثرن کي متبادل پلاٽ ڏيڻ لاءِ روهڙي ڀرسان ڪنڊي فارم وٽ 2 سئو ايڪڙ زمين ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته متاثرن کي متبادل زمين تي سڀئي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون  وينديون.

هن چيو ته پ پ حڪومت متاثرن سان جيڪو واعدو ڪيو هو، اهو پورو ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*