سکر جي احتساب عدالت ميرپور ماٿيلي جي هڪ خانگي مان هڪ ڪروڙ 20 لک روپين جو فراڊ ثابت ٿيڻ تي 5 ملازمن کي ڏنڊ ۽ قيد جي سزا ٻڌائي آهي

atc

سکر جي احتساب عدالت ميرپور ماٿيلي جي هڪ خانگي مان هڪ ڪروڙ 20 لک روپين جو فراڊ ثابت ٿيڻ تي 5 ملازمن کي ڏنڊ ۽ قيد جي سزا ٻڌائي آهي.

عدالت فراڊ ثابت ٿيڻ تي حبيب بئنڪ ايف ايف سي ٽائون شپ برانچ جي اڳوڻي مئنيجر عبدالمجيد سومرو کي 14 سال قيد ۽ هڪ ڪروڙ ۽ ڪوآپريٽر مئنيجر سريش ڪمار کي 14 سال قيد ۽ 10 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آھي.

احتساب عدالت فراڊ ۾ ملوث بئنڪ جي اڳوڻي ڪيشئر ڪرم الدين، ملازم شوڪت علي راڄپوت ۽ محمد اقبال شيخ کي پڻ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 10،10 سال قيد ۽ 10۔10 لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آھي.

نيب جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر سکر شھزاد امتياز موجب سمورن جوبدارن پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري حبيب بنڪ ايف ايف سي ٽائون شپ برانچ ميرپور ماٿيلو  مان 2008   ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک روپيا کاتن مان ڪڍرائي فراڊ ڪيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*