حيدرآباد ۾ قاسم رينجرز هيڊڪوارٽر فتح چوڪ ۾ ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي
حيدرآباد ۾ قاسم رينجرز هيڊڪوارٽر فتح چوڪ ۾ ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي، جتي رينجرز جي اهلڪارن کي هيپاٽائٽس کان بچاءَ لاءِ وئڪسين ڪئي وئي.
صحت کاتي جي هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام ۽ خانگي يونيورسٽي جي تعاون سان رينجرز هيڊڪوارٽر ۾ ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي.
ميڊيڪل ڪئمپ ۾ ڊاڪٽرن رينجرز جي جوانن کي هيپاٽائيٽس کان بچاءَ بابت ويڪسين ڪري کين آگاهي ڏني.
ڪئمپ ۾ ڊاڪٽرن رينجرز اهلڪارن کي ڊينگي، ٽائيفائيڊ ۽ مليريا سميت ٻين مختلف بيمارين کان بچاءَ بابت مشورا ڏنا.