پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته پاڪ –ڀارت جو بنيادي مسئلو ڪشمير آهي

Nafees-Zakriya-30416

پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته پاڪ –ڀارت جو بنيادي مسئلو ڪشمير آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۾ واڌ ٿي آهي، گذريل 5 ڏينهن ۾ ڀارت 6 ڪشميرين کي شهيد ڪيو.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ نفيس ذڪريا چيو آهي ته پاڪ -ڀارت ۾ بنيادي مسئلو ڪشمير وارو آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۾ واڌ ٿي آهي.گذريل 5 ڏينهن ۾ ڀارت 6 ڪشميرين کي شهيد ڪيو.

هن چيو ته پاڪستانين 70هون آزادي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو، چيني ۽ سعودي هوا بازن جي آزادي تقريب ۾ شرڪت اهم آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت  ڪندي چيو ته تهمينه جنجوعا کي آفيس سنڀالڻ وقت افغان دوري جي دعوت ملي.

نفيس ذڪريا چيو ته افغانستان ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي کي گڏجي منهن ڏيڻ تي اتفاق ٿيو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*