نوازليگ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ سردار يعقوب ناصر کي نواز ليگ جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي

sardar yaqoob nasar

نوازليگ جي  سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ سردار يعقوب ناصر کي نواز ليگ جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي، اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار  خدشن جو اظهار  ڪندي چيو آهي ته فيصلو لاهور ۾ ويهي ڪرڻو هو ته پوءِ اجلاس ڇو طلب ڪيو ويو.

مسلم لگ ن جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو  اجلاس چيئرمين راجا ظفر الحق جي صدارت هيٺ پنجاب هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم سميت نواز ليگ جي اعليٰ قيادت شرڪت ڪئي. جڏهن ته شهبازشريف شريف شرڪت نه ڪئي.

اجلاس دوران چيئرمين راجا ظفر الحق بلوچستان جي اسيمبلي ميمبر سردار يعقوب ناصر جو نالو نواز ليگ جي صدر طور مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني.

سينٽرل ايگزيڪيو ڪميٽي سردار يعقوب ناصر  کي نواز ليگ جو وقتي صدر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.

ٻي طرف اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار نون ليگ جي اجلاس ۾ ٿيل  فيصلي تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن لاهور ۾ ويهي فيصلو ڪرڻو هو ته پوءِ اجلاس ڇو گهرايو ويو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*