اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سياسي پارٽين جي نئين فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي. جنهن ۾ نواز ليگ جي صدارت تان نواز شريف جو نالو ڪڍي ويو آهي

Election-Karachi-28716

 اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سياسي پارٽين جي نئين فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي. جنهن ۾ نواز ليگ جي صدارت تان نواز شريف جو نالو ڪڍي ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن طرفان 345 سياسي پارٽين جي لسٽ جار يڪئي وئي آهي، جنهن ۾ مسلم ليگ ن 215 هين نمبر تي آهي.

اليڪشن ڪميشن جي نئين لسٽ ۾ مسلم ليگ ن جي صدارت واري عهدي کي خالي قرار ڏنو ويو آهي.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ نواز شريف پارٽي صدارت جي اهل نه رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن اڳ ئي مسلم ليگ ن کي پارٽي صدارت بابت خط لکي چڪي آهي.

واضح رهي ته نواز ليگ  وقتي طور سردار يعقوب کي صدر مقرر ڪري چڪي آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*