سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي رپورٽ جو واليم 10 نيب حوالي ڪري ڇڏيو، سڀاڻي کان مختلف ملڪن سان جاچ جي حوالي سان رابطو ڪيو ويندو

supreme court

سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي رپورٽ جو واليم 10 نيب حوالي ڪري ڇڏيو، سڀاڻي کان مختلف ملڪن سان جاچ جي حوالي سان رابطو ڪيو ويندو.

پاناما ڪيس ۾ جاچ ڪندر گڏيل جاچ ٽيم سپريم ڪورٽ  ۾  رپورٽ جمع ڪرائي هئي، جنهن ۾ جلد نمبر 10 عام نه ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي.

ذريعن موجب، سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي رپورٽ جي  واليم ٽين کي نيب جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب، جي آءِ ٽي رپورٽ جي واليم 10 جي گڏيل قانوني مشاورت بابت تفيصل آهن، جن جي روشني ۾ مختلف ملڪن کي تفصيلن لاءِ خط لکيا ويندا.

ذريعن موجب، واليم 10 ملڻ بعد نيب سڀاڻي کان ڪارروايون شروع ڪندي ۽ جن ملڪن کي خط لکيا ويا آهن، انهن جو فالو اپ ڪيو ويندو.

واضح رهي ته نيب سعودي عرب کان نوازشريف، سندس ٻن پٽن ۽ هڪ نـُنهن جي اثاثن جا تفصيل گهري ورتا، ميان نوازشريف، حسين، حسن، طارق شفيع ۽ اسحاق ڊار کي سڀاڻي نيب لاهور آفيس ۾ طلب ٿيل آهن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*