سنڌ سرڪار سموريون مصلحتون ختم ڪري امن امان لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، اياز لطيف پليجو

ڪراچي ۾ محبت سنڌ ۽ امن پاڪستان جي عنوان هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس جاري آهي، ايم ڪيو ايم کانسواءِ سمورين پارٽين دهشتگردي خلاف گڏيل جدوجهد تي اتفاق ڪندي سنڌ حڪومت کان ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو چيو آهي ته سنڌ سرڪار سموريون مصلحتون ختم ڪري امن امان لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، سنڌ جو عوام هاڻي مزاحمت ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

ڪلفٽن ۾ جي يو پي ۽ قومي عوامي تحريڪ جي ميزباني هيٺ علام شاهه اويس نوراني جي رهائشگاهه تي سڏايل اي پي سي ۾ ايم ڪيو ايم کانسواءِ پ پ، مسلم ليگ ن، فنڪشنل ليگ، تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي، عوامي نيشنل پارٽي، عوامي مسلم ليگ سميت سموريون جماعتون شريڪ آهن.

ڪانفرنس ۾ قومپرستن سميت شريڪ جماعتن ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ دهشتگردي جي ڪارروائين خلاف گڏيل جدوجهد تي اتفاق ڪيو.

ڪانفرنس ۾ گڏيل طور مطالبو ڪيو ويو ته شڪارپور سانحي جو ڪيس فوجي عدالتن حوالي ڪري جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.

ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پيلجو چيو ته سنڌ حڪومت هاڻي مفاهمت واري پاليسي ترڪ ڪري امن امان لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

هن چيو ته سنڌ جو عوام هاڻي ڀرپور مزاحمت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي چڪو آهي.

جماعت اسلامي جي اڳواڻ معراج الهديٰ صديقي چيو ته  جي آءِ ٽي رپورٽ ايم ڪيو ايم جي سنڌ سرڪار ۾ شامل ٿيڻ سبب روڪي وئي آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن جاچ رپورٽ کي دٻايو ويو يا جوابدارن کي وائکو نه ڪيو ويو ته ايندڙ اي پي سي پ پ جي خلاف ڪوٺائي ويندي.

جي يو پي جي اڳواڻ علامه شاهه اويس نوراني چيو ته طاهر پلازه ۽ بلديه فيڪٽري سانحي ۾ هڪجهڙو ڪيميڪل استعمال ڪيو ويو، ايم ڪيو ايم دهشتگرد ڪاررواين ۾ملوث آهي.

هن اي پي سي ۾ مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي.

عوامي مسلم ليگ جي اڳواڻ محفوظ يار خان جو چوڻ هو ته دهشتگردن نفرتون پکيڙي کين سنڌي ٿيڻ کان روڪي ورتو  آهي.

 هن چيوته هو سنڌ ۾ضم ٿي سنڌي ٿيڻ چاهين کين سنڌي ٿيڻ ڏنو وڃي.

آل پارٽيز ڪانفرنس ايم ڪيوايم حقيقي جو اڳواڻ آفاق احمد، فنڪشنل ليگ جي نصرت سحر عباسي، پ پ جو تاج حيدر، مسلم ليگ ن جو اسماعيل راهو، اي اين پي جو شاهي سيد، نجمي عالم ۽ ٻين پارٽين جا اڳواڻ شريڪ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*