آءِ ايم ايف پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪري ڇڏيو

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ ڳالهين جو آخري دور ڪامياب ٿي ويو آهي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.

دبئي ۾ هڪ هفتي کان هلندڙ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ ڳالهيون مڪمل ٿي ويون آهن، ڳالهين ۾ پاڪستان جي نمائندگي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ آءِ ايم ايف پاران جيفري فرينڪس ڪئي.

ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ايندڙ مهيني تائين هڪ ارب ڊالر تائين ناڻي جا ذخيرا بهتر بڻيا ويندا.

ذريعن موجب، آءِ ايم ايف پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو پر ان سان گڏ ٽيڪس نظام تي پڻ خدشا ظاهر ڪيا.

آءِ ايم ايف پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، پاڪستان جي معاشي تيارين ۾بهتري اچي رهي آهي،  هلندڙ سال معاشي ترقي جي شرح 3 کان چار سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي.

آءِ ايم ايف موجب، مهانگائي جي رفتار گهٽ ٿي رهي آهي، خانگي شعبي کي قرض جاري ڪرڻ وارو عمل تيز ڪرڻو پوندو.

اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب ٿيون آهن، آءِ ايم ايف پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪئي آهي.

اسحاق ڊار چيو ته قرض جي قسط جاري ڪرڻ بابت آءِ ايم ايف بورڊ جو اجلاس 15 ڊسمبر تي ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*