وزيراعظم شاهد خاقان عباسي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو آهي

pm reached quetta

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو آهي، وزيراعظم کي سي پيڪ، سڪيورٽي صورتحال ۽ جاري ٻين ترقياتي منصوبن تي بريفنگ ڏني ويندي.

وزيراعظم ڪوئيٽا ايئرپورٽ تي پهتو ته بلوچستان جي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري سندس آجيان ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سي پيڪ، سڪيورٽي صورتحال ۽ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي بريفنگ وٺندو.

وزيراعظم جو چوڻ آهي ته ملڪ جي ترقي بلوچستان سان سلهاڙيل آهي، اتي جي عوام جي خوشحالي لاءِ وفاق صوبي سان هر شعبي ۾ سهڪار جاري رکندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*