جيڪب آباد ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ حڪومت جي ڪرپشن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

jacobabad qomi tehreek

جيڪب آباد ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ حڪومت جي ڪرپشن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

چاڪر جوڻيجو ۽ ناصر ڪنراڻي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ضلعي آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته سنڌ حڪومت جي وزيرن ۽ ڪامورن ڪرپشن ڪري ادارا تباهه ڪري ڇڏيا آهن.

هنن چيو ته صوبي جي مختلف شهرن ۾ ترقياتي ڪمن جي اسڪيمن ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪري ڪروڙين روپيا هڙپ ڪيا ويا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته ڪرپشن ۾ ملوث وزيرن ۽ ڪامورن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري کين سزائون ڏنيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*