جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته نواز شريف فيصلو قبول ڪرڻ بدران عدالتن کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي

siraj ul haq pc

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته نواز شريف فيصلو قبول ڪرڻ بدران عدالتن کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، حڪمرانن قبلو درست نه ڪيو ته بحران ڪهرام جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو.

ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سراج الحق  جو چوڻ هو ته ڪرپشن سبب ادارا ناڪام ٿي ويا آهن، ٻاهر رهندڙ پاڪستاني پيسا ڪمائي ڏيهه اماڻين ٿا، پر شرم جي ڳالهه آهي ته حڪمران پيسا ٻاهر منتقل ڪري رهيا آهن.

سراج الحق  جو چوڻ هو ته پاناما ڪيس ۾ جي آءِ ٽي ۽ عدالت تاريخ ڪم ڪيو آهي، پر نواز شريف فيصلو تسليم ڪرڻ بجاءِ جي ٽي روڊ جو رخ ڪيو.

سراج الحق چيو ته نواز شريف غنيمت سمجهي ته کيس رڳو نااهل قرار ڏنو ويو، جيل ناهي اماڻيو ويو، نواز شريف فيصلو قبول ڪرڻ بدران عدالتن کي ڌمڪائي رهيو آهي.

جماعت اسلامي جي امير جو چوڻ هوته  اسان رڳو اشرافيا نه پر سڀني جي احتساب جي ڳالهه ڪيون ٿا، حڪمرانن کانسواءِ پيپلزپارٽي ۽ پرويز مشرف جو به احتساب ٿيڻ گهرجي.

سراج الحق جوچوڻ هو ته  نواز شريف فيصلو قبول ڪرڻ بدران عدالتن کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، حڪمرانن قبلو درست نه ڪيو ته بحران ڪهرام جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*