ڪوڙهه جي مريضن جي علاج لاءِ پنهنجي زندگي ارپيندڙ مسيحا ڊاڪٽر روٿ فائو جي مڙهه کي قومي عزاز سان گورا قبرستان ۾ دفنايو ويو

dr ruth

ڪوڙهه جي مريضن جي علاج لاءِ پنهنجي زندگي ارپيندڙ مسيحا ڊاڪٽر روٿ فائو جي مڙهه کي قومي عزاز سان گورا قبرستان ۾ دفنايو ويو، آخري رسمن ۾ صدر، آرمي چيف، وڏي وزير، گورنر ۽ آءِ جي سنڌ شرڪت ڪئي.

ڊاڪٽر روٿ فائو جي مڙهه کي آخري رسمن لاءِ سينٽ پيٽرڪ ڪيٿيڊرل چرچ  آندو ويو، جتي پاڪ فوج جي دستي پاران سلامي ڏني وئي.

آخري رسمن ۾ ٽنهي فوجن جا نمائندا موجود رهيا، جڏهن ته چرچ ۾ موجود ماڻهن کي سندس آخري ديدار ڪرايو ويو، ان  موقعي تي سولجر بازار کان ريگل چوڪ تائين پوليس ۽ رينجرز مقرر ڪئي وئي هئي.

پاڪستاني مدر ٽيريسا جي تدفين قومي اعزاز سان گورا قبرستان ۾ ڪئي وئي، صدر ممنون حسين، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، وڏي وزير مراد علي شاهه، گورنر محمد زبير، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه به تدفين ۾ شريڪ ٿيا ۽ گل رکيا.

پرڏيهي سفارتڪارن سميت اهم شخصيتن به تدفين ۾ شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*