ڪراچي جي عدالت لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪيس ۾ فاروق ستار، حيدر عباس رضوي، فيصل سبزواري، ڪنور نويد جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

ATC-Karachi-171016

ڪراچي جي عدالت لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪيس ۾ فاروق ستار، حيدر عباس رضوي، فيصل سبزواري، ڪنور نويد جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، ميئر جي عهدي سبب وسيم اختر کي تحفظ حاصل هوندو.

ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت لاڳيتو پيش نه ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم اڳواڻن فاروق ستار، حيدر عباس رضوي، فيصل سبزواري، ڪنور نويد جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

وسيم اختر کي ميئر جي عهدي جي ڪري گرفتاري کان تحفظ حاصل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*