عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته نوازشريف ۽ آئين ۽ قانون کي مڃڻ بدران ادارن سان جنگ تي لهي آيو آهي

shaikh rasheed

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته نوازشريف ۽ آئين ۽ قانون کي مڃڻ بدران ادارن سان جنگ تي لهي آيو آهي، آصف زرداريءَ کي خبر آهي ته نوازشريف جو ڪهڙي وقت ساٿ ڏيڻو آهي ۽ ڪهڙي وقت ناهي ڏيڻو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته چار مهينا پاڪستان جي سياست لاءِ اهم آهن، حديبيه پيپر ڪيس هنن جي سياست ۾ آخري ڪوڪو هوندو.

شيخ رشيد چيو ته جلد نمبر 10نيب وٽ آهي، اڄ نه ته سڀاڻي منظر عام تي اچي ويندو، چوري جي مال وارن وٽ ڪا رسيد نه هوندي آهي.

شيخ رشيد چيو ته نيب جي سامهون پيش ٿيڻ ۾ انهن جي ئي بهتري آهي، جواب ڏيڻ لاءِ ڪجهه ناهي ته نوازشريف کيڏي رهيو آهي.

شيخ رشيد چيو ته منهنجو ريفرنس تيار آهي، رڳو هڪ خط جو انتظار ڪيان پيو، پر انهن جي معاهدي ۾ 200 ارب جي ڪرپشن جو ريفرنس تيار آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*