بالي ووڊ اسٽار نواز الدين صديقي جي نئين فلم “بابوموشائي بندوق باز” جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي

bollywood movie

بالي ووڊ اسٽار نواز الدين صديقي جي نئين فلم “بابوموشائي بندوق باز” جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي، سندس چوڻ آهي ته پنهنجي ڪردار نڀائڻ لاءِ جيمز بانڊ جي فلمن کان اتساهه ورتو آهي.

نئين دهلي ۾ فلم جي ٽريلر رليز ڪرڻ واري تقريب دوران نواز الدين صديقي فلم جي ڪاسٽ ۾ شامل بيڊيٽا بيگ ۽ شرڌا داس سان گڏ فلم جي ٽريلر جي سي ڊي جو مهورت ڪيو.

“بابو موشائي بندوق باز” ڀاڙي جي قاتلن جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ بابو موشائي يعني نواز الدين صديقي ۽ سندس مخالف بانڪي ساڳين ٽن ماڻهن کي مارڻ جي سپاري وٺن ٿا، جنهن بعد سندن وچ ۾ مقابلو شروع ٿي وڃي ٿو، فلم 25 آگسٽ تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*