نوابشاهه ۾ ڪلارڪن آپڪا اڳواڻ جي بدلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

nawabshah clerk

نوابشاهه ۾ ڪلارڪن آپڪا اڳواڻ جي بدلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ايپڪا ضلعي شهيد بينظير آباد  پاران محمد لقمان ٻگهيو، محمد علي جوڻيجو، طالب حسين رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪلارڪن پاپوليشن آفيس کان ريلي ڪڍي نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو.

هنن چيو ته آپڪا جي صوبائي صدر مراد علي چاچڙ کي بنا سبب جي بدلي ڪيو ويو آهي، جيڪا نا انصافي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته مراد علي چاچڙ جي بدلي روڪي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن لاڙڪاڻو رضيا پٺاڻ کي هٽايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*