راڻا ڀڳوان داس چيف اليڪشن ڪمشنر جو عهدو قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

جسٽس رٽائرڊ راڻا ڀڳوان داس چيف اليڪشن ڪمشنر جو عهدو قبولڻ واري آڇ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، راڻا ڀڳوانداس چيو آهي ته هو پنهنجي نامزدگي کي اعزاز سمجهي ٿو پر موجوده حالتون اهڙيون نه آهن جو هو عهدو قبول ڪري سگهي ۽ نه وري اليڪشن ڪميشن آزاد ۽ خود مختيار ئي آهي.

راڻا ڀڳوان داس جي نالي تي اتفاقِ راءِ ٿيڻ کانپوءِ سينيٽر رضا رباني کي ٽاسڪ ڏنو ويو هو ته هو راڻا ڀڳوان داس کي ان ڳالهه تي راضي ڪري ته هو عهدو قبولي، ان سلسلي ۾ رضا رباني اڄ هڪ ڪلاڪ تائين راڻا ڀڳوان داس ڪراچي ۾ هڪ اهم ملاقات ڪئي .

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران رضا رباني ڀڳوان داس کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو چيف اليڪشن ڪمشنر جو عهدو قبولي ڇو ته سندس نالي تي سڀني ڌرين وچ ۾ اتفاق ٿي ويو آهي، پر ملاقات جي خاتمي تي جڏهن ميڊيا عيوضين راڻا ڀڳوان داس سان رابطو ڪيو ته هن چيو ته رضا رباني جي ساڻس ملاقات ٿي آهي پر هن ساڻس عهدو قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته سندس نالي تي اتفاق هُن لاءِ اعزاز جي ڳالهه ضرور آهي پر هو اِهو عهدو قبول نه ٿو ڪري سگهي.

راڻا ڀڳوان داس چيو ته اليڪشن ڪميشن آزاد ۽ خودمختيار نه آهي، جڏهن ته موجوده حالتون به اهڙيون نه آهن، جو هو اهو عهدو قبولي سگهي.

هن چيو ته سندس انڪار مشروط نه آهي ۽ سندس جواب هر صورت ۾ حتمي آهي ته هو اهو عهدو نه قبوليندو.

راڻا ڀڳوان داس جي انڪار کانپوءِ هاڻي ٻين نالن مان ڪنهن هڪ تي اتفاق جي ڪوشش ٿي سگهي ٿي ۽ ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته راڻا ڀڳوان داس کي پرچائڻ يا انهي عهدي لاءِ راضي ڪرڻ جي هڪ ٻي ڪوشش ڪنهن ٻئي کان به ڪرائي سگهجي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*