وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات ڪئي

nawaz and shahid khaqan

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي  اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات ڪئي، شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت قانون جي حڪمراني ۽ ادارن جي مضبوطي تي ييقين رکي ٿي، نوازشريف چيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل جاري رهڻ گهرجي.

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي لاهور ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ ترقياتي منصوبن بابت ڳالهيون ڪيون ويون.

نوازشريف لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ  هلندڙ منصوبا وقت سر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل جاري  رهڻ گهرجي.

ان کان اڳ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نواز ليگ جي سينيٽرن سان پهرين باضابطا ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت نواز شريف جي گائيڊ لائين موجب ڪم ڪري رهي آهي، سندس پاليسين تي عملدرآمد جاري رهندو، ترقياتي رٿائون وقت سر مڪمل ڪيون وينديون.

وزيراعظم چيو ته اسان ڪرپشن فري حڪومت متعارف ڪرائي آهي، چئن سالن ۾ حڪومت جي رٿائن تي ڪرپشن جو ڪو به الزام ناهي.

 شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت قانون جي حڪمراني ۽ ادارن جي مضبوطي تي يقين رکي ٿي، سندس حڪومتي دور ۾ پارٽيءَ کي وڌيڪ فعال ۽ مضبوط ڪيو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*