جهڏي واسي پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان علي مراد سولنگي ۽ ناري نصرت بيبي تحفظ لاءِ

hyderabad

جهڏي واسي پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان علي مراد سولنگي ۽ ناري نصرت بيبي تحفظ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد رجسٽري ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پسند جي پرڻي بعد ناري جي وارثن ۽ بااثر وڏيرن فيصلي ذريعي کين مارڻ جي فتويٰ جاري ڪئي آهي.

نوجوان علي مراد سولنگي درخواست ۾ چيو ته هٿياربندن سندس گهر تي حملو چاچي محرم سولنگي، علي نواز، مسمات سلميٰ سولنگي، گڏي، مريده سولنگي سميت 6 ڄڻن کي کڻي ويا آهن.

درخواست ۾ مقف اختيار ڪيو ويو ته اغوا ڪيل عورتن سميت 6 ڄڻن کي بازياب ڪرائي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*