محرابپور ۾سينيئر صحافي عزيز ميمڻ تي رپورٽنگ دوران ڪيل حملي خلاف صحافين ڏهين ڏينهن به احتجاج جاري رکندي علامتي بک هڙتال ڪئي

mehrabpur sahafi ahtjaj

محرابپور ۾سينيئر صحافي عزيز ميمڻ تي رپورٽنگ دوران ڪيل حملي خلاف صحافين ڏهين ڏينهن به احتجاج جاري رکندي علامتي بک هڙتال ڪئي.

ڳوٺاڻن، صحافين ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمين جي ڪارڪنن ايڊووڪيٽ غزالا پنهور، شڪيل ميمڻ، اختر درٻيلائي، سليم مغل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيد بينظير چوڪ کان هٿن ۾ بينر کڻي ريلي   ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته  10 ڏينهن کان احتجاج باوجود حملو ڪندڙن کي گرفتار نه پيو ڪيو وڃي.

هنن اعلان ڪيو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ 24 آگسٽ تي خميس جي ڏينهن  سکر پريس ڪلب ۽ ڊي آءِ جي آفيس اڳيان ڌرڻا هنيا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*