قمبر ۾ ڳوٺ بچل شابراڻي جي رهواسين پاران زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

kambar ahtjaj

قمبر ۾ ڳوٺ بچل شابراڻي جي رهواسين پاران زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احسان شابراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رهواسين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته بااثر  ماڻهن سندن سوين جريب زمين تي قبضو ڪري هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن.

هنن چيو ته بااثر ماڻهن روينيو ملازمن جي ملي ڀڳت سان زمين جا کاتا تبديل ڪيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته زمين تان قبضو ختم ڪرائي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*