پيپلزپارٽي سينيٽر رحمان ملڪ چيو آهي ته ٽرمپ جي بيان کي فوري طور يو اين اي ۾ کڻي وڃڻ گهرجي

rehman malik

پيپلزپارٽي سينيٽر رحمان ملڪ چيو آهي ته ٽرمپ جي بيان کي فوري طور يو اين اي ۾ کڻي وڃڻ گهرجي، ٽرمپ جو بيان دهشتگردي خلاف جنگ کي متاثر ڪرڻ آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رحمان ملڪ چيو ته آمريڪي صدر پاران پاڪستان تي الزام لڳائڻ دهشتگردي خلاف جنگ کي متاثر ڪرڻ جي برابر آهي.

هن چيو ته آمريڪا کي پاڪستاني شهرين ۽ فوج جي قربانين جو قدر ڪرڻ گهرجي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ قربانيون پاڪستان جون آهن .

پ پ اڳواڻ چيو ته پاڪستان کي افغانستان جي جنگ ۾ ڌڪيو ويو ۽ هاڻ ڀارت، افغاجستان جي زمين کي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.

پيپلزپارٽي جي سينيٽر ملا فضل الله ۽ ٻيا دهشتگرد افغانستان ۾ موجود آهن، افغانستان دهشتگردن کي پاڪستان جي حوالي ڇو نه پيو ڪري.

هن چيو پاڪستاني حڪومت لابنگ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.

رحمان ملڪ چيو ته دهشتگردي خلاف گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي، سياسي جماعتن جي اي پي سي به گهرائي وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*