نيب سنڌ ۾ جاري ڪارروائين جا تفصيل سنڌ هائيڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن

nab summary

نيب سنڌ ۾ جاري ڪارروائين جا تفصيل سنڌ هائيڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، جنهن موجب 15 پارليامينٽيرينز، چئن اڳوڻن چيف سيڪريٽريز ۽ ٻن آءِ جيز سميت سنڌ ۾ 1567 ماڻهن خلاف انڪوائريز، انويسٽيگيشنز ۽ ٽرائل هلندڙ آهن.

نيب پاران 59 صفحن تي ٻڌل رپورٽ سنڌ هائيڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن موجب ڪراچي ۽ سکر ۾ 15 کان وڌيڪ موجوده توڙي اڳوڻن وزيرن، ايم پي ايز خلاف جاچ هلندڙ آهي، جن ۾ اڳوڻو وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم، اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ خلاف به جاچ توڙي ٽرائل هلندڙ آهي.

رپورٽ ڄاڻايو ويو آهي ته گيانچند ايسراڻي، غلام قادر پليجو، دوست محمد راهمون، رئوف صديقي، عادل صديقي، مصطفيٰ ڪمال، اعجاز شاهه شيرازي،  نواب تيمور ٽالپر، محمد علي ملڪاڻي خلاف به انڪوائري جاري آهي.

نيب موجب صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار، ڊاڪٽر ستار راڄپر، عبدالرئوف کوسو، نصرالله بلوچ خلاف به جاچ جاري آهي، جڏهن ته اڳوڻي نگران وڏي وزير زاهد قربان علوي خلاف به جاچ هلي رهي آهي.

عدالت ۾ جمع ڪرايل نيب جي لسٽ ۾ لاڏاڻو ڪري ويل اڳوڻي وزير آغا طارق جو نالو به شامل آهي.

نيب جي رپورٽ موجب سنڌ جي اڳوڻن چئن چيف سيڪريٽريز صديق ميمڻ، راجا عباس، اعجاز چوڌري ۽ غلام علي شاهه پاشا خلاف به جاچ جاري آهي.

ان کانسواءِ اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي، اڳوڻي وقتي آءِ جي غلام شبير شيخ،  اڳوڻي اي آءِ جي تنوير طاهر خلاف به جاچ هلندڙ آهي.

ڊي آءِ جي فيصل بشير ميمڻ، اي آءِ جي جيلز نصرت مڱڻ، ايس ايس پي عرفان بلوچ، فاروق جمالي، منير کهڙو، فريد جان سرهندي، فدا حسين شاهه، ڪامران رشيد، محسن قاضي، امجد علي شاهه، نياز کوسو، ڄام ظفرالله ڌاريجو خلاف به جاچ هلندڙ آهي.

سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي نذير مغل ۽ شاهه لطيف يونيورسٽي جي وي سي پروين شاهه خلاف به نيب جي جاچ هلندڙ آهي.

نيب موجب اڳوڻي سيڪريٽري شاذر شمعون، منظور قادر ڪاڪا، غلام نبي شاهه، آفتاب ميمڻ، سبحان ميمڻ، روشن شيخ خلاف به ڪارروائي هلي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*