چين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان تي لڳايل الزام کي رد ڪري ڇڏيو آهي

china forien minister

چين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان تي لڳايل الزام کي رد ڪري ڇڏيو آهي. چيني پرڏيهي وزير چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.

چيني پرڏيهي کاتي جي  وزارت جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائن تي رهيو آهي.

ترجمان چيو ته پاڪستان چين جو دوست، ويجهو سفارتي، اقتصادي ۽ سڪيورٽي لاڳاپا رکي ٿو.

هن چيو ته خطي ۽ عالمي امن لاءِ آمريڪا ۽ پاڪستان جي سهڪار تي چين خوش آهي.

چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته عالمي برادري پاڪستان جي دهشتگردي خلاف کنيل قدمن کي تسليم ڪرڻو پوندو.

چيني  پرڏيهي وزارت چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف اثرائتا قدم کڻي رهيو آهي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*