اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر نيب آڏو پيش ٿيڻ بدران وڪيلن ذريعي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

NAB-13716

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر نيب آڏو پيش ٿيڻ بدران وڪيلن ذريعي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.

لاهور ۾ راولپنڊي نيب جي ٽيم اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف،سندس پٽ حسين نواز، حسن نواز ۽ اسحاق ڊار کي طلب ڪيو  هو.

نوازشريف، وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر نيب آڏو پيش ٿيڻ بدران وڪيلن ذريعي لکت ۾ جواب جمع  ڪرايو.

وڪيلن پاران پاناما فيصلي خلاف نظر ثاني اپيلن تي فيصلي تائين ڪيسن جي جاچ روڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

نيب جي طلبي باجود اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جو پٽ حسن، حسين ۽ ڌيءَ مريم نواز پيش نه ٿيا ۽ نه ئي نيب نوٽيس تي ڪو جواب ڏنو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*