لاڙڪاڻي جي پوليس گرائونڊ ۾ 1220 پوليس اهلڪارن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب منقعد ڪئي وئي

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي جي پوليس گرائونڊ ۾ 1220 پوليس اهلڪارن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب منقعد ڪئي وئي، ايس ايس پي ساجد امير سدوزئي چيو ته ٽريننگ مڪمل ڪندڙ اهلڪار عوام جي خدمت ۾ پاڻ ملهائيندا.

پوليس ٽريننگ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ تربيت مڪمل ڪندڙ 1220 پوليس اهلڪارن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ ٿي جنهن ۾ اهلڪارن مارچ پاسٽ ڪيو ۽ سلامي پيش ڪئي.

ان موقعي تي اهلڪارن فني مهارت جو مظاهرو به ڪيو.

تقريب کي خطاب ڪندي ايس ايس پي ساجد امير سدوزئي چيو ته ٽريننگ مڪمل ڪندڙ اهلڪار ميرٽ جي بنياد تي ڀرتي ٿيا آهن.

پي ٽي ايس جي پرنسپال عرفان سمون چيو ته مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ اهلڪارن بهتر نموني سان ٽريننگ مڪمل ڪئي آهي.

هن چيو ته کيس اميد آهي ته ٽريننگ مڪمل ڪندڙ اهلڪار عوام سان بهتر رويو رکندا ۽ پنهنجيون ڊيوٽيون ايمانداري سان نڀائيندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*