چين کانپوءِ روس به پاڪستان جي حمايت ۾ ميدان تي لهي آيو، روس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ اهم ملڪ آهي

rushia or pakistan

چين کانپوءِ روس به پاڪستان جي حمايت ۾ ميدان تي لهي آيو، روس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ اهم ملڪ آهي، آمريڪا جي نئين افغانستان پاليسي نقصانڪار ثابت ٿيندي.

 افغانستان  ۾ مقرر روسي سفير ضمير ڪاهلوف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا جي نئين پاليسي افغانستان لاءِ نقصانڪار آهي.

هن چيو ته روس سمجهي ٿو ته دهشتگردن جو ڍانچو حقيقت ۾ آمريڪي مفادن جو تحفظ ڪري رهيو آهي.

روسي سفير چيو ته پاڪستان خطي جو  اهم ملڪ آهي، جنهن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ حڪمت عملي ڪامياب نه ٿيندي.

هن چيو ته پاڪستان تي دٻاءُ سان خطي جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي، پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ سان خطو غير مستحڪم ٿيندو.

ضمير ڪاهلوف چيو ته افغانستان ۾ غير ملڪي فوجين جي موجودگي سبب عالمي سطح تي دهشتگردي کي هٿي ملي آهي. مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڳالهين جو دڳ وٺڻو پوندو.

ان کان اڳ چين پاڪستان جي حمايت ڪندي  آمريڪي الزامن کي رد ڪيو هو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*