پيپلز پارٽي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪين بعد پارليامينٽ جو گڏل اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي

khursheed shah

پيپلز پارٽي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪين بعد پارليامينٽ جو گڏل اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، خورشيد شاهه چيو آهي ته سمورين سياسي جماعتن کي اعتماد ۾ وٺي حڪمت عملي جوڙي وڃي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪين واري بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي خورشيد شاهه چيو  ته آمريڪي  صدر جو بيان رڳو اپوزيشن جو معاملو نه آهي، 22 ڪروڙ عوام جي خومختياري جو سوال آهي.

هن چيو ته آمريڪي قيادت جي بيان تي پاڪستاني پرڏيهي وزارت کي بيان جاري ڪرڻ گهرجي.

اپوزيشن ليڊر چيو ته حڪومت اپوزيشن سان گڏجي قومي وقار جي تحفظ لاءِ پاليسي جوڙي ۽ فوري طور پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائي.

خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم کي آمريڪي ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پنهنجو بيان جاري ڪرڻ گهرجي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*