اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي پٽ اسد جوڻيجي نواز ليگ ۾ شموليگ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

nawaz shareef meet

اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي پٽ اسد جوڻيجي نواز ليگ ۾ شموليگ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته هو جڏهن به سنڌ ويو ته کيس پيار ۽ محبت ملي، سنڌ صوفين ۽ قلندرين جي سرزمين آهي.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان اسد جوڻيجي ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ جي موجوده صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون.

ان موقعي تي اسد جوڻيجي نواز ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان جو استحڪام  نواز ليگ جي استحڪام سان لاڳاپيل آهي.

اسد جوڻيجي چيو ته نوازشريف پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ سالميت جو ضامن آهي.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو ته سنڌ ملڪ جي ٻين ايڪن جيان عزيز آهي، ن ليگ 2018ع جي چونڊن مان سنڌ مان وڏي ڪاميابي حاصل ڪندي.

نواز شريف چيو آهي ته هو جڏهن به سنڌ ويو ته کيس پيار ۽ محبت ملي، سنڌ صوفين ۽ قلندرين جي سرزمين آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*