ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي

Saad-Rafique-24417

ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته نواز شريف ۽ نون ليگ جي ٻين اڳواڻن جي عدليا مخالف تقريرن تي پابندي واري  لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم بابت ڄاڻ نه آهي ۽ اسان قانون جي دائري ۾ رهي پنهنجي راءِ ڏيندا رهنداسين.

جاتي امراءُ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته اسان جا اڳواڻ عدليا مخالف تقريرون نه ڪندا آهن، نهال هاشمي جيڪا تقرير ڪئي ان خلاف ايڪشن بابت سڀني کي ڄاڻ آهي.

خواجه سعد رفيق چيو ته نواز شريف ۽ نون ليگ جي ٻين اڳواڻن جي عدليا مخالف تقريرن تي پابندي واري  لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم بابت ڄاڻ نه آهي ۽ اسان قانون جي دائري ۾ رهي پنهنجي راءِ ڏيندا رهنداسين.

هن چيو ته اسد جوڻيجو جي نون ليگ ۾ شامل ٿيڻ سان سنڌ ۾ پارٽي وڌيڪ مضبوط ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*