ڪراچي جي احتساب عدالت ڪي ڊي اي اسڪيم 33 ۾ غيرقانوني الاٽمينٽ واري ريفرنس ۾ مفرور بلڊر جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن

atc

ڪراچي جي احتساب عدالت ڪي ڊي اي اسڪيم 33 ۾ غيرقانوني الاٽمينٽ واري ريفرنس ۾ مفرور بلڊر جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ڪي ڊي اي جي اسڪيم 33 ۾ 16 ايڪڙ زمين غيرقانوني الاٽ ڪرڻ واري ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي.

نيب پراسيڪيوٽر پاران اسڪيم جي بلڊر سميت 5 سرڪراي آفيسرن خلاف ريفرنس داخل ڪرايو ويو.

ريفرنس ۾ چيو ويو ته 2004 ۾ بلڊر حمد زوهير گلزار سرڪراي آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري هجري اسڪيم 33 ۾ چائنا ڪٽنگ ڪري اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي.

عدالت نيب ريفرنس منظور ڪندي مفرور بلڊر احمد زوهير جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ۽ کيس 8 سيپٽمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*