شڪارپور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار فهيم احمد ڀٽو جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

shikarpur shaheed

شڪارپور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار فهيم احمد ڀٽو جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، ايس ايس پي عمر طفيل سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

پوليس لائين ۾ شهيد پوليس اهلڪار فهيم احمد جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کيس سرڪاري اعزاز سان حاجي لطيف شاهه قبرساتن ۾ مٽِي ماءَ حوالي ڪيو ويو.

گذريل رات نيو فوجداري ٿاڻي جي حد ڪسارا مل ڪالوني ۾ هٿياربندن حملو ڪري پوليس اهلڪار کي زخمي ڪرڻ بعد سندس سرڪاري هٿيار ڦر ڪري کڻي ويا هئا.

زخمي پوليس اهلڪار فهيم احمد کي شڪارپور اسپتال بعد سکر اسپتال نيو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

ايس ايس پي عمر طفيل چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي تي آندو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*