قمبر مان 20 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل واپاري جعفر چانڊيو جي آزادي لاءِ سندس وارثن لاڙڪاڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو

larkana jafer chandio

قمبر مان 20 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل واپاري جعفر چانڊيو جي آزادي لاءِ سندس وارثن لاڙڪاڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

واپاري جي وارثن امڙ اقبال خاتون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته 20 ڏينهن اڳ حسين آباد پاڙي ۾ نامعلوم ماڻهو واپاري جعفر چانڊيو کي کڻي ويا آهن، جنهن جو ڪٿي به ڏس پتو نه ملي رهيو آهي.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته واپاري جعفر چانڊيو کي جلد آزاد ڪرائي کين پريشانين کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*