دهشتگردي رڳو خيبرپختونخواهه جو نه پر سڄي ملڪ جو مسئلو آهي، سڌ سماءَ وارو وزير پرويز رشيد

سـُڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته بلديه سانحي بابت جوائنٽ انويسٽيگيشن رپورٽ وزيراعظم جي ڪراچي دوري جي ايجنڊا جو حصو آهي، سانحي جي متاثرن کي انصاف ملڻ گهرجي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته وزيراعظم نواز شريف جي ڪراچي جي دوري جو مقصد شهر ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ آهي.

هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف، دوري دوران بلديه سانحي بابت جي آءِ ٽي رپورٽ جو به جائزو وٺندو، متاثرن کي انصاف ملڻ گهرجي.

هڪ سوال جي جواب ۾ پرويز رشيد چيو ته دهشتگردي رڳو خيبرپختونخواهه جو نه پر سڄي ملڪ جو مسئلو آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ پوندو.

هن چيو ته سمورين سياسي پارٽين سينيٽ اليڪشن دوران هارس ٽريڊنگ روڪڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ ميچ بابت سوال جي جواب ۾ پرويز رشيد چيو ته  قومي رانديگرن جو حوصلو وڌائڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي ٽيمون سڪيورٽي خدشن سبب پاڪستان نٿيون اچن، ملڪ کي مضبوط بڻائڻو آهي، جيئن عالمي رانديگر پاڪستان اچي سگهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*