ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز جون ڪارروايون جاري آهن، مختلف ڏوهن ۾ گهربل 8 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو

Rangers karachi

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز جون ڪارروايون جاري آهن، مختلف ڏوهن ۾ گهربل 8 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو، رينجرز ترجمان  جو چوڻ آهي ته  گرفتار ڪيل 3 جوابدارن تعلق ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي.

رينجرز پاران جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته گارڊن  واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري ٽن ڏوهارين محمد جاويد، ڪامران خان ۽ جنيد کي گرفتار ڪيو ويو.

رينجرز ترجمان موجب ٽنهي ڏوهارين جو تعلق ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي ۽ هو لنڊن مان ملندڙ هدايتن تحت ڪارروايون ڪندا هئا.

رينجرز ترجمان موجب گلبرگ واري علائقي مان ڦر جي وارداتن  ۾ ملوث جوابدار بلال کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*