خيرپور ۾ گسٽا پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ٽئين ڏينهن به بک هڙتال ڪئي وئي

khairpur gusta

خيرپور ۾ گسٽا پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ٽئين ڏينهن به بک هڙتال ڪئي وئي، انتظاميه گسٽا اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري سندن مطالبا منظور ڪيا، جنهن کان پوءِ احتجاج ختم ڪيو ويو.

مقصود مهيسر ۽ سائين بخش وساڻ جي اڳواڻي ۾ استادن ڊي اي آفيس اڳيان بک هڙتال ڪئي.

اي ڊي سي ون محمد عثمان ۽ سيد محمد عباس استاد اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري کين مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو.

گسٽا اڳواڻن چيو ته استادن جي ترقين ۽ ڊفرنس بلن سميت ٻيا مطالبا حل نه ڪيا ويا ته عيد بعد ٻيهر احتجاج شروع ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*