ميرپور خاص ۾ دڪاندارن پوليس جي مبينا زيادتين خلاف دڪان بند ڪري احتجاجي مظاهرڪيو

mirpur khas shop

ميرپور خاص ۾ دڪاندارن پوليس جي مبينا زيادتين خلاف دڪان بند ڪري احتجاجي مظاهرڪيو.

 هلال مارڪيٽ ۾سوپاريون وڪرو ڪندڙ واپارين دڪان بند ڪري پريس ڪلب اڳيان  احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي متاثر دڪاندارن بابر، نواب ملڪ، حاجي راشد ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڪورٽ پاران نشيدارشين تي پابندي کي بهانو بڻائي ٽائون پوليس سندن جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي.

 هنن چيو ته مٺيون سوپاريون ڪسٽم ٽيڪس پيڊ آهن، پرٽائون پوليس ڪاروائي ڪري دڪانن مان سامان جي ڦرلٽ ڪرڻ بعد دڪاندارن خلاف منشيات جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪياآهن.

هنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ٽائون پوليس جي اهڙيءَ ڪارروائي جو نوٽس وٺي کين ريليف مهيا ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*