پرڏيهي وزير خواجا آصف، اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف سان ملاقات ڪري آمريڪا سان لاڳاپن جي حوالي سان اهم مشاورت ڪئي

khuwaja asif and nawaz

پرڏيهي وزير خواجا آصف، اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف سان ملاقات ڪري آمريڪا سان لاڳاپن جي حوالي سان اهم مشاورت ڪئي.

پرڏيهي وزير خواجا آصف جاتي امراءِ پهچي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات ڪئي، ذريعن موجب ملاقات ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان مخالف بيان بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

ذريعن موجب پرڏيهي وزير اڳوڻي وزيراعظم کي روس ۽ چين پاران پاڪستان جي حمايت بعد سندس ٻنهي ملڪن جي رٿيل دورن بابت به مشاورت ڪئي.

ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق به نوازشريف سان ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون………….

عمران خان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو ٻيهر مطالبو ڪري ڇڏيو، لاهور ۾ سوشل ميڊيا ٽيم کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته حڪمران غريبن جو سهارو بڻيل شوڪت خانم اسپتال کي تڪراري بڻائڻ بدران اڪائونٽس جو جائزو وٺن……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*