پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان هڪ ڀيرو شوڪت خانم اسپتال جا اڪائونٽس رضاڪاراڻي نموني جاچ لاءِ پيش ڪرڻ جي آڇ ڪندي سرڪار کان گهر ڪئي آهي

imran khan

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان هڪ ڀيرو شوڪت خانم اسپتال جا اڪائونٽس رضاڪاراڻي نموني جاچ لاءِ پيش ڪرڻ جي آڇ ڪندي سرڪار کان گهر ڪئي آهي ته آمريڪي صدر جي بيان تي ويچار لاءِ پارليامنٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو وڃي.

لاهور ۾ پارٽي جي سوشل ميڊيا ٽيم کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته آمريڪا جي افغان پاليسي ۾ پاڪستان جي قربانين کي نظر انداز ڪري رڳو الزام مڙهيا ويا آهن.

پي ٽي آءِ چيئرمين مطالبو ڪيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو وڃي.

عمران خان چيو ته حڪمران غريبن جو سهارو بڻيل شوڪت خانم اسپتال کي تڪراري بڻائڻ لاءِ الزامبازي ڪري رهيا آهن، هو اجايون ڳالهيون ڪرڻ بدران اسپتال جي اڪائونٽس جو جائزو وٺن، جيڪڏهن ڪرپشن ثابت ٿئي ته قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*