شدت پسند تنظيم داعش پاران لبيا کان اغوا ڪيل 21 مصري عيسائين کي ذبح ڪري ويڊيو جاري ڪئي وئي

شدت پسند تنظيم داعش پاران لبيا کان اغوا ڪيل 21 مصري عيسائين کي ذبح ڪري وڊيو جاري ڪئي وئي آهي،مصري صدر عبد الفتح السيسي ملڪ ۾ 7 ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سندس حڪومت اهڙي قسم جي ڪارروائي جو جڏهن ۽ جيئن چاهي جواب ڏئي سگهي ٿي.

شدت پسند تنظيم داعش پاران ليبيا ۾ ڪيترائي حملا ڪيا ويا آهن ۽ ليبيا مان ڪيترن شهرين کي پڻ اغوا ڪيو ويو هو.

داعش پاران انهن مصري عيسائين کي ذبح ڪرڻ جي وڊيو جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ 21 ماڻهن جي هڪ گروپ کي نارنگي رنگ جا ڪپڙا پهريل آهن ۽ سندن هٿ پير ٻڌيل آهن.

مصر جي صدر عبدالفتح السيسي اهڙي واقعي بعد ملڪ ۾ 7 ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سندس حڪومت اهري حرڪت تي داعش کي جڏهن ۽ جيئن چاهي جواب ڏئي سگهي ٿي.

ٻئي پاسي مصري فوج ليبيا ۾ شدت پسند تنظيم داعش خلاف هوائي حملا شروع ڪري ڏنا آهن.

ان کان اڳ گذريل هفتي مصري صدر ليبيا ۾ ڦاٿل پنهنجن شهرين کي هوائي جهازن ذريعي نڪرڻ جي پيشڪش ڪئي هئي.

داعش جمعي واري ڏينهن اغوا ڪيل مصري شهرين جون تصويرون جاري ڪندي چيو هو ته انهن کي اغوا ڪرڻ جو مقصد مصري علائقن ۾ عيسائين پاران مسلمان عورتن تي تشدد ۽ انهن کي مارڻ جو پلاند وٺڻ آهي.

واضح رهي ته گذريل مهيني آمريڪا جي بچاءُ واري وزارت خبردار ڪيو هو ته شدت پسند تنظيم داعش ليبيا سميت اهڙن ملڪن ۾ پير ڄمائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جتي حڪومتي عملداري مضبوط ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*