آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد فلم دي گرانڊ بڊاپيسٽ هوٽل رائٽرز گلڊ ايوارڊ ماڻي ورتو

آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد فلم”دي گرانڊ بڊاپيسٽ هوٽل“رائٽرز گلڊ ايوارڊ ماڻي ورتو آهي.

لاس ايجلس ويجهو سينچري سٽي جي هڪ هوٽل ۾ ٿيل شو ۾ رائٽرس گلڊ ايوارڊ ڏنا ويا، تقريب ۾ هالي ووڊ جي اسڪرپٽ رائٽرز جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

”گرانڊ بڊاپيسٽ هوٽل“ جي اسڪرپٽ رائٽر ويس اينڊرسن بهترين اسڪرپٽ جو رائٽرز گلڊ ايوارڊ وصول ڪيو، فلم ”بواءِ هوڊ“ ۽ ٻين فلم کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي.

”گرانڊ بڊاپيسٽ هوٽل“ بهترين فلم سميت آسڪر ايوارڊ جي 9 ڪيٽيگريز ۾ نامزد ٿيل آهي.

ٻي مهاڀاري جنگ دوران نازي فوج جو ڪوڊ ٽوڙيندڙ  ايلن ٽرننگ جي زندگي بابت فلم ”دي اميٽيشن گيم“ جي ليکڪ گراهم مور بهترين ايڊاپٽيڊ اسڪرين پلي جو ايوارڊ ماڻي ورتو، هن پنهنجو ايوارڊ ٽرننگ کي ارپيندي چيو ته هو پنهنجي دور جو عظيم جينيئس هو ۽ هو شڪاگو جو اسڪرين رائٽر آهي، انڪري هن جي جاءِ تي پنهنجي پاڻ کي اسٽيج تي بيٺل ڏسي کيس عجيب لڳي رهيو آهي.

رائٽرس گلڊ ايوارڊ تقريب جي ميزباني ”فرينڊز“ ۽ ”دي ڪم بيڪ“ اسٽار لزا ڪڊرو ڪئي، ايوارڊ لاءِ رائٽرز گلڊ آف امريڪا جا ميمبر ووٽ ڪندا آهن، پر هي ايوارڊ ماڻيندڙ فلم لاءِ آسڪر ايوارڊ ماڻڻ بابت ڪابه اڳتي نٿي ڪري سگهجي.

بهترين ڊاڪيومينٽري جي اسڪرين پلي واري ڪيٽيگري ۾ آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد ”فائنڊنگ ويوين مائر“ ۽ لاسٽ ڊيز ان ويٽنام“ ٻئي هارائي ويون ۽ ايوارڊ ”دي انٽرنيٽس اون بواءِ: دي اسٽوري آف آرون سوارٽز“ جي حصي ۾ آيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*