سپريم ڪورٽ واٽر ڪميشن ڪيس پاران ٽاسڪ فورس چيئرمين، سيڪريٽري آبپاشي ۽ ٻين جي بدلين تي هنيل پابندي خلاف سنڌ سرڪار

supreme court

سپريم ڪورٽ واٽر ڪميشن ڪيس پاران ٽاسڪ فورس چيئرمين، سيڪريٽري آبپاشي ۽ ٻين جي بدلين تي هنيل پابندي خلاف سنڌ سرڪار جي اپيل رد ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ واٽر ڪميشن بابت مختلف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، عدالت کي آگاهي ڏني ته واٽر ڪميشن مختلف ادارن جي سيڪريٽرين ۽ ٻين عملدارن جي مقررين ۽ بدلين تي پابندي هنئي آهي، جيڪو استحقاق سنڌ حڪومت جو آهي، تنهنڪري واٽر ڪميشن جي ان حڪم تي نظرثاني ڪئي وڃي.

عدالت رمارڪس ڏنا ته سنڌ حڪومت تسلسل سان بدليون ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ڪنهن سيڪريٽري جي بدلي ڪرڻي آهي ته عدالت کي ٻڌائي ڪئي وڃي.

ايڊووڪيٽ جنرل ضمير گهمرو چيو ته بدلين جي اجازت ڏيو، جيڪا به بدلي ٿيندي عدالت کي آگاهه ڪيو ويندو، جنهن تي عدالت چيو ته پهرين عدالت کي ٻڌايو بعد ۾ بدليون ڪريو.

شفاف پاڻي فراهم ڪرڻ وارو معاملو کڻندي درخواست گذار شهاب اوستو چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملد آمد نه ٿو ڪيو وڃي، ان ڏس ۾ جوڙيل ٽاسڪ فورس به عملدر آمد ۾ ناڪام رهيو آهي.

ايڊووڪيٽ جنرل، سپريم ڪورٽ ۾ 2017 جي حڪمن بابت رپورٽ پيش ڪندي ڄاڻايو ته حڪمن تحت نساسڪ ختم ڪري ٻه اسڪيمون جاري رکيون ويون آهن، جن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ فنڊز جاري ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.

عدالت نساسڪ جي جاري ٻنهي اسڪيمن جي ڪم ۾ اڳڀرائي ۽ فنڊز بابت تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ بورڊ و ختم نه ڪرڻ جي درخواست ڪندي چيو ته مختلف منصوبن تي ڪم جاري آهي، بورڊ ختم ڪرڻ سان منصوبن کي نقصان پهچندو.

عدالت ان ڏس ۾ ايڊووڪيٽ جنرل کي دليل ڏيڻ جو حڪم ڏنو.

سپريم ڪورٽ، گهڻ ماڙ عمارتن جي اڏاوت تي پابندي وارو معاملو کنيو ويو ته درخوست گذار عدالت کي درخواست ڪئي ته ان معاملي کي پاڻي فراهمي معاملي کان ڌار ڪيو وڃي، جنهن بعد عدالت سمورين درخواستن تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*