ڀارتي عدالت سکن جي مذهبي پيشوا گرو گرميت رام رحيم سنگهه کي ٻن عورتن سان زوري زنا ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 10 سال قيد جي سزا

indian godman security

ڀارتي عدالت سکن جي مذهبي پيشوا گرو گرميت رام رحيم سنگهه کي ٻن عورتن سان زوري زنا ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، ان موقعي تي هريانه رياست ۾ سڪيورٽي انتهائي سخت ڪندي ڪنهن به وڳوڙي کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

سي بي آءِ جي خاص جج جگديپ سنگهه جمعي تي ٻن عورتن سان زوري زنا واري ڪيس ۾ ڏوهي قرار ڏنو هو، جنهن بعد پنچڪولا ۽ سرسا ۾ پرتشدد احتجاجي مظاهرن دوران 38 ڄڻا مارجي ويا هئا.

گرو گرميت روهتڪ جي جيل ۾ قيد آهي، کيس سزا ٻڌائڻ لاءِ عدالت ۾ آڻڻ بدران جج پاڻ جيل وڃي سزا  ٻڌائي، ان موقعي تي روهتڪ جيل سخت سڪيورٽي سبب قعلي جو ڏيک ڏئي رهي هئي.

50 سالن جي گرو گرميت کي سزا ٻڌائڻ کان اڳ روهتڪ جيل جي ڀرپاسي سميت پنچڪولا ۽ سرسا ۾ سڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي، روهتڪ ۾ پيرا ملٽري فوج جي 23 جٿن سان گڏ عورت پوليس اهڪارن کي به مقرر ڪيو ويو آهي، فوج کي به الرٽ رکيو ويو آهي ۽ ڪنهن به وڳوڙي کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

پوليس موجب سرسا کانسواءِ هريانه رياست ۾ گرو گرميت جي سڀني ڊيرن کي خالي ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته 103 ڊيرن جي تلاشي ورتي وئي آهي، رياست ۾  28 آگسٽ کان 29 آگسٽ جي صبح ساڍي يارهين وڳي تائين موبائل انٽرنيٽ، ايس ايم ايس ۽ وائرليس انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي آهي، پر موبائل فون تي ڪال ڪري سگهجي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*