پاڪ افغان سرحدي علائقي انگور اڊا ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا

orakzai-agency-operation-22317

پاڪ افغان سرحدي علائقي  انگور اڊا ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا، بنون ۾ ردالفساد آپريشن دوران ٻن دهشتگردن کي ماريو ويو، بلوچستان ۾ ڪارراوين دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا آهن.

آءِ ايس پي آر موجب، بنون ۾ فورسز جي ڪارروائي  دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا، جن جي سڃاڻپ رحيم الله ۽ زاهدالله طور ٿي آجي.

آءِ ايس پي آر موجب، انگور اڊا ويجهو  سڪيورٽي فورسز ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو، جنهن دوران بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ جوان عطاءَ الرحمان ۽ عمران علي شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر جي هڪ وڌيڪ بيان  موجب، بلوچستان جي ڪاهان، ديرا بگٽي ۽ اوچ ۾ ڪارروايون ڪيون ويو، جنهن دوران 2 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا.

آءِ ايس پي آر موجب، ايف سي جي آپريشن دوران ٻه دهشتگرد مارجي ويا، دهشتگردن جي چئن ٿاڪن کي تباهه ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب، تربت ۾ ڪارروائي دوران دهشتگردن ۽ سهولتڪارن جو نيٽ ورڪ تباهه ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*