اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته

Gilani

اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته آمريڪا کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين جو احساس ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ائٽمي طاقت آهي، ملڪ جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته آمريڪا کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين جو احساس ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته پيسو ڪجهه به نه هوندو، ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان جي تذليل نه ٿيڻ گهرجي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته غلط فهميون ختم ڪرڻ لاءِ سڀني کي ملڪن سان سٺا لاڳاپا رکڻ گهرجن.

يوسف رضا گيلاني چيو ته چين هر ڏکئي وقت ۾ هميشه پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، سلالا واقعي تي پاڪستان آمريڪا آڏو سخت احتجاج ڪيو هو۽ افغانستان جي سپلاءِ روڪي ڇڏي هئي.

پيپلزپارٽي اڳواڻ چيو ته 2018ع جي چونڊن ۾ کيس حصو وٺڻو آهي يا نه، ان حوالي سان فيصلو پارٽي کي ڪرڻو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*